حديد سورة

حديد، سورة: قرآن مجيد جي ستونجاهين سورة، جيڪا مديني شريف ۾ نازل ٿي. هن ۾ چار رڪوع ۽ اُڻٽيهه آيتون آهن. هن سورت ۾ الحديد (لوهه) جو ذڪر آهي. جڏهن ماڻهو حق کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ جمع ٿيندا آهن ته پوءِ نبين کي تلوار کڻڻي پوندي آهي. هن سورت ۾ مسلمانن کي الله جي راهه ۾ مالي قربانيون ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن زماني ۾ هيءَ سورة نازل ٿي هئي، ان وقت مسلمانن جو ڪافرن سان فيصله ڪن معرڪو هلي رهيو هو. تنهنڪري حڪم ڏنو ويو ته ايمان جي تقاضا آهي ته الله تعاليٰ جي راهه ۾ دل کولي مال خرچ ڪيو وڃي، جيڪو جيترو وڌيڪ خرچ ڪندو، ان کي وڌيڪ اجر عطا ڪيو ويندو. الله جي راهه ۾ خرچ ڪيل مال ته الله جي ذمي قرض آهي. انسان کي کپي ته مصيبت ۾ مايوس نه ٿئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو